شير محمد خان

شير محمد خان: ڪلهوڙن جي دور حڪومت ۾ جڏهن ميان غلام شاهه ڪلهوڙي ۽ سندس ڀاءُ ميان محمد عطر خان جي وچ ۾ حڪومتي تڪرار شروع ٿيو، تڏهن اهو تڪرار جنگ جي نوبت تائين وڃي پهتو. نتيجو اهو نڪتو، جو حڪومت ڪجهه عرصي لاءِ ميان محمد عطر جي حوالي ٿي وئي. اڳتي هلي سنڌ جا امير ۽ وزير محمد عطر خان مان گهڻو بيزار ٿي پيا ۽ هنن سڀني ڳجهيءَ طرح ميان غلام شاهه جي خدمت ۾ وفاداريءَ جا عهدناما موڪلي، هلي اچڻ لاءِ عرض ڪيو. اهو ڏسي ميان غلام شاهه لشڪر تيار ڪيو ۽ هن شير محمد خان کي، جيڪو وڏو بهادر ۽ جنگجو هو، ۽ جنگي فن جو چڱيءَ طرح واقف هو، چڱيون پگهارون ڏئي پاڻ وٽ رکيو ۽ سنڌ ڏانهن رخ ڪيو. رستي ۾ روهڙيءَ کان اڳتي خان علياڻي'>بهادر خان علياڻي ۽ اختيار خان مدواڻيءَ مقابلو ڪيو، پر ٻنهي کي شير محمد خان جي بهادري ۽ دليريءَ سبب ميان غلام شاهه فتح حاصل ڪري سنڌ جو حاڪم بڻيو.


لفظ شير محمد خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو